اسلام آباد -28 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب 30 بل??ن ڊالرن کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو ۽ ٻيهر تعمير لاءِ 16 بل??ن آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ جي ضرورت آهي، ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 1730 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون، حڪومت بحالي سان گڏوگڏ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ مالياتي استحڪام کي پڻ يقيني بڻائي رهي آهي، محدود وسيلن سان حڪومت گڏيل قومن ۽ ٻين امدادي ايجنسين سان گڏجي وڌندڙ بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ بحالي جي حوالي سان جائ??ي رپورٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب 30 بل??ن ڊالرن کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو، ٻيهر تعيمر لاءِ 16بلين آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ جي ضرورت آهي، ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 1730 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون، متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ جيڪو ڏک ۽ تڪليف ڏٺو آهي اهو دل ڏاڙيندڙ آهي، عورتن، ٻارن ۽ پوڙها شهري کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار پنهنجي بقاءُ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، 80 لک کان وڌيڪ بي گهر ماڻهن کي هاڻ صحت جي بحران جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، متاثر 94 ضلعن ۾ اڪثر غريب ترين ضلعا آهن جن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته حڪومت هن وقت پاڻي مان پ??دا ٿيل بيمارين، ڊينگي، مليريا جي پکيڙ ۽ وڌندڙ بک، غربت ۽ خوراڪ جي بحران ، سياري ۾ ٿڌ جهڙا اهم چئلينج سامهون آهن، حڪومت بحالي سان گڏوگڏ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ مالياتي استحڪام کي پڻ يقيني بڻائي رهي آهي، محدود وسيلن سان گڏ حڪومت گڏيل قومن ۽ ٻين امدادي ايجنسين سان گڏجي وڌندڙ بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، هن چيو ته نيش??ل فلڊ اينڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڊزاسٽرمينيجمينٽ ايجنسين طرفان جامع رد عمل کي يقيني بڻائي سگهجي. بينظير انڪم سپوررٽ پروگرام تحت 2.7 ملين گهراڻن کي 286 ملين ڊالر هنگامي فنڊ ڏنو ويو، ننڍن آبادگارن لاءِ ايندڙ مند ۾ ڪڻڪ جي پوکي لاءِ 42 ملين ڊالر ڏنا ويندا. آفتن کانپوءِ بحالي جي سلسلي ۾ پرڏيهي مالي امداد جي استعمال ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن چيو ته بحالي جي عمل ۾ سول سوسائيٽي کي شامل ڪري ۽ لاڳاپيل ڊيٽا کي آن لائن ڊيش بورڊ ذريعي عوام لاءِ دستياب ڪيو ويندو، گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس ۾ پاڪستان مسلسل 10 ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل رهيو آهي پر گرين هائوس خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ جي 20 تنظيم جي ميمبر رياستن ۾ ان جي نيڪال ۾ 80 سيڪڙو حصو وجهنديون آهن ان لاءِ کين انهن ملڪن ۾ ماحولياتي موافقت، هنگامي ر?? عمل ۽ بحالي جي سمورن خرچن کي برداشت ڪرڻو پوندو. موسمياتي تبديلي جي خوفناڪ اثرن کي روڪڻ لاءِ حتمي ۽ تجديد جوڳي توانائي جي عالمي منتقلي ۾ مضمر آهي، امير ملڪن کي 2009ع ۾ گڏيل قومن جي آبهوا جي ڪانفرنس ۾ غريب ملڪن لاءِ آبهوا بابت مالي امداد ۾ سالياني 100 بل??ن ڊالرن جو حصو وجهڻ لاءِ پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ گهرجي.
متعلقہ مضامین
-
Commissioner chairs meeting to review polio eradication campaign
-
فورچون فش، شریمپ اینڈ کریب آفیشل انٹرٹینمنٹ اینٹرنس - تفریح کی شاندار دنیا کا دروازہ
-
Area Links Piggy Bank Official Entertainment Website
-
June 21: Longest day of the year
-
8th death anniversary of POF blasts victims observed
-
Ruet-e-Hilal Committee to meet on Friday for sighting Zilhaj moon
-
Dharna will be historical, says Sheikh Rasheed
-
Small dams in development, Ahsan Iqbal
-
بورڈ گیم تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
جیا الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ ویب سائٹ: تفریح کا قابل اعتماد پلیٹ فارم
-
ہیل فیور آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے مکمل رہنمائی اور تفصیلات
-
سلاٹ مشین ایماندار بیٹنگ لنکس کی اہمیت اور تفصیل