اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ هفتيوار ??ري?? بريفنگ ۾ چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ڀارتي عملدارن پنهنجي غيرقانوني طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي قبضي هيٺ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ زمين کي هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. هن سرينگر جي علائقي راج باغ ۾ ڪل جماعتي حر??ت ڪانفرنس جي آفيس جي عمارت تي ڀارتي قابض عملدارن پاران ??ازي حملي جي مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو فعل ۽ والاريل علائقي ۾ سياسي آزادي تي هڪ ٻيو حملو قرار ڏنو. ترجمان ڀارتي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير مان ڪشميري مسلمانن جي بي دخلي بابت چيو ته ڀارت جي ڪجهه رياستن ۾ بلڊورز جو استعمال مسلمانن جي جاين کي مسمار ڪرڻ جو عمل ان کي دهشت زده ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??صديق ڪئي ته زلزلي کان متاثر ترڪيه مان 23 پاڪستاني شهرين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته هيستائين ڪنهن به پاڪستاني جي جاني نقصان ???? اطلاع ناهي آئي. هن چيو ته انهن مان 16 ماڻهن کي پاڪستان واپس آندو ويندو جڏهن ته باقي کي ترڪيءَ جي شهر استنبول منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته هيستائين اسان وٽ ترڪيءَ يا شام ۾ ڪنهن به پاڪستاني جي مارجڻ جي ڪا به خبر نه آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستانين کي گازيانٽيپ يونيورسٽي مان ڪڍي اڊيانه شهر رکيو ويو آهي. تباهه ٿيندڙ شهر جيڪو زلزلي جي مرڪز کان ??ٽڪل 33 ??لو??يٽر پري واقع آهي ۾ زلزلي دوران وڏي جاني نقصان کانسواءِ بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان پهتو. هن چيو ته ترڪيءَ ۽ شام ۾ ملڪي مشنز زلزلي کان متاثر پاڪستانين کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهن.
متعلقہ مضامین
-
Imran Khan declared fully healthy after jail medical checkup
-
Physics paper leaks in Karachi’s matric exams
-
150,000 die of hepatitis every year in Pakistan
-
Indian Army goes berserk, takes revenge from ordinary muslims
-
Tribesmen decide merger of FATA into Khyber Pakhtunkhwa: Sherpao
-
Ajokas Bullah a Success in Denmark
-
Jiaduobao الیکٹرانک گیمز آفیشل ویب سائٹ کا تعارف
-
لائیو کیسینو آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کے ساتھ پریمیئم گیمنگ کا تجربہ
-
EVO آن لائن معروف بیٹنگ گیٹ وے کی خصوصیات اور فائدے
-
AFB الیکٹرانک ریلائیبلٹی بیٹنگ انٹری کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی میں اس کا کردار
-
AFB الیکٹرانک ریلائیبلٹی بیٹنگ انٹری کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی میں اس کا کردار
-
گولڈن جیم بیٹنگ ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد