اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان- قازقستان وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??ي سگهي ٿو. پاڪستان، قازقستان سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزن ڪذافستان سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان قازقستان وچ ۾ گڏيل لاڳاپا مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي ٻَڌل آهن. اسپيڪر چيو ته پارلياماني رابطا ۾ واڌ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??ي سگهن ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ قائم پاڪ- قازقستان پارلياماني فرينڊشپ گروپ ٻه طرفن پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪ??ي رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان قازقستا?? سميت وچ ايشيائي رياستن سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ لاءِ گوادر ويجهي بندرگاهه آهي. اسپيڪر اسلام آباد ۾ منعقد ايس سي او ڪانفرنس ۾ قازقستان جي وزيراعظم جي شرڪت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دؤرن سان ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. ان موقعي تي قازقستان جي سفير چيو ته قازقستان پاڪستان سان پنهنجن ويجهن دوستاڻن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پارلياماني رابطن ۾ واڌ سان ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سفير ايس سي او ڪانفرنس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ـ ??يو ته ايس سي او ڪانفرنس جي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي ڏور رس نتيجن مرتب ٿيندا. قازقستان جي سفير اسپيڪر کي پارلياماني وفد سان گڏ قازقستان جي دؤري جي دعوت به ڏني.
متعلقہ مضامین
-
Auqaf Dept sets up rain emergency control room
-
Merz faces hard road to govt after German election win
-
Lanjar reviews security plan for Zulfiqar Ali Bhutto death anniversary
-
CM Maryam sets June 30 deadline to accomplish Lahore Development Plan
-
Deadly disease kills over 100 yaks in Hunza
-
Operation Bunyan-ul-Marsoos crushes India’s operation sindoor, forces ceasefire
-
Unprovoked Indian firing at LoCs 3 sectors answered perfectly: ISPR
-
Zaman, Huang discuss ways to get rid of corruption
-
Hurriyet leaders condole with families of martyred youth
-
قدیم دولت: زیوس ایپ ڈاؤن لوڈ
-
لائیو کیسینو آفیشل گیم ویب سائٹ
-
MW الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے: آپ کا جدید ٹیکنالوجی کا مرکز