اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سعو??ي عرب سان معيشت، واپار، دفاع، ثقافت، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي قومن جي ترقي، مسلمان امت جي اتحاد سميت خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سعو??ي عرب جي 94 هي?? قومي ڏينهن جي موقعي تي مقامي هوٽل ۾ سعودي سفارتخاني پاران منعقد آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي گورنرز ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ کانسواءِ وفاقي وزيرن، پاڪستان ۾ سعو??ي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي، غيرملڪي سفارتڪارن، سعودي شهرين، معززين ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعو??ي عرب جي عوام کي قومي ڏينهن جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي ڀائر ملڪ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا رکن ٿا ۽ انهن مشڪل وقت ۾ سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. صدر آصف علي زرداري ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن ۽ سعو??ي عرب جي ترقي کي ساراهيندي چيو ته ولي عهد جا جرئتمنداڻا قدم سعو??ي عرب کي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪندا. صدر تبديلي جي سفر ۾ سعو??ي عرب جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر سعو??ي عرب پاران پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ اٽڪل 27 لک پاڪستانين جي ميزباني تي ٿورا مڃيا جيڪي سعو??ي عرب جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. صدر چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي قومن جي ترقي، مسلمان امت جي اتحاد ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي قومي ترانن جي ڌُن سان ٿي. ان موقعي تي صدر سعو??ي عرب جي سفير ۽ ٻين مهمانن سان گڏ سعو??ي عرب جي 94 هي?? سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. تقريب ۾ صدر پيرس اولمپڪس جي گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي غلاف ڪعبه تحفي طور پيش ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Justice Minallah demands strong independent judiciary to protect rights
-
PM to develop Jinnah Medical Complex into a hospital of int’l standards
-
Trump asked Norwegian minister about Nobel Prize, newspaper says
-
Pakistan ranked among top 15 global military powers
-
Over 600,000 voters to elect their representative in NA-213 by-polls today
-
شوانگ فو آفیشل تفریحی ایپ: تفریح کا جدید پلیٹ فارم
-
Will leave politics if corruption proven against me, says Shahbaz
-
Pakistan will support Kashmiris till issue gets resolved: Nawaz
-
Cold, dry weather to continue
-
PM urged to take action against state institutions on tobacco
-
امریکی بلیک جیک آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل رہنمائی
-
CQ9 الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم: ایک جدید گیمنگ تجربہ