اسلام آ??اد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال هندو برا??ري کي ڏياري جي پرمسرت موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ هندو برا??ري سميت سمورن اقليتن جو ڪردار اهم آهي ۽ سندن ت??قي لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ اسانجي پهرين ت??جيح آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي حڪومت هندو برا??ري سميت سمورن اقليتي برادرين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ سندن ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ هر شهري جو ڪردار آهي ۽ حڪومت اقليتن سميت سڀني کي برابر موقعا فراهم ڪري هڪ اهڙي مضبوط، توانا ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ تي يقين رکي ٿي جتي سڀ گڏجي ترقي جي ثمر م??ن فائدو کڻي سگهن.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم