اسلام آباد ??? 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي ??رد??ري پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اقتصادي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن جي اسٽاڪ ايڪسچينجز جي وچ ۾ وڌ کان وڌ رابطن تي پڻ زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين راشد مريدوف سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي ڪيو جنهن پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان م??لويوف سان گڏ صدر سان م??اقات ڪئي. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن خطي ۾ گڏيل خوشحالي ۽ استحڪام ۽ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي عوام جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر تاپي گئس پائيپ لائين م??صوبي جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ??ندي چيو ته ان م??صوبي سان ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ تمام گهڻي مدد ملندي. راشد مريدوف اشڪ آباد ۾ مگتي مولي فارگي جي 300هين پيدائش جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ عالمي فورم ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهو ترڪمان عوام جي احترام جو هڪ عظيم مثال آهي. هن ترڪامنستان جي صدر سردار بردي محدوف ۽ ترڪمانستان جي عوام جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين قربان بردي محدوف پاران صدر آصف علي ??رد??ري کي خصوصي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي. صدر اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت تي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين راشد مريدوف جا ٿورا مڃيا. صدر ترڪمانستان جي حڪومت پاران اشڪ آباد جي دوري دوران سندس شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
UNESCO, Pakistan team up to boost innovation, STEM education, AI ethics
-
KP approves renaming Peshawar’s cricket stadium after Imran Khan
-
Writ of state to be maintained in Balochistan at all costs: CM Bugti
-
Asma pledges to defend Achakzai if sued
-
ڈریگن لیجنڈ آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ گائیڈ
-
EVO آن لائن معروف بیٹنگ گیٹ وے کی خصوصیات اور فائدے
-
سلاٹ مشین ایماندار بیٹنگ لنکس کی اہمیت اور تفصیل
-
کریش گیم آفیشل تفریحی ویب سائٹ - مکمل جائزہ اور معلومات
-
گولڈ بلٹز ایپ ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل معلومات
-
فروٹ کینڈی ایپ گیم پلیٹ فارم: تفریح اور چیلنج کا بہترین ملاپ
-
فروٹ کینڈی ایپ گیم پلیٹ فارم: تفریح اور مٹھاس کا انوکھا امتزاج
-
Smurf ایپ: تفریح اور مزیدار ویب سائٹ کا مکمل جائزہ