اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته آئيني ترم??من تي ڪو ڪم تڪڙ ۽ جلدي بازي ۾ ناهي ??يو?? ان تي سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي، سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت جمهوري عمل جو حسن آهي، ڪنهن سياسي پارٽي کي مشاورت جي عمل کان ٻاهر نه رکيو ويو. ڪالهه آچر ڏينهن قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذيرتارڙ سان گڏ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عطا الله تارڙ آئيني پيڪيج جي ڪابينا مان منظوري کي قوم لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته اڄ پاڪستان جي عوام، رياست ۽ پارليامينٽ لاءِ تاريخي ڏينهن آهي. 1973ع جي آئين ۾ پارلياماني جمهوريت متعارف ڪرائي وئي هئي، پارليامينٽ جي بالادستي جي حوالي سان آئين بلڪل واضح آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي خودمختياري جو جيڪو تصور آئين ۾ ڏنو ويو هو، ان طرف اهو تمام وڏو قدم آهي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف وچ ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ٿيون هيون ته عوام کي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي آسان بڻائڻ جو معاملو ان ۾ شامل هو. هن چيو ته سياسي معاشرن ۾ سياسي ملاقاتون جمهوريت جو حسن هونديون آهن، سمورين سياسي پارٽين وچ ۾ آئيني ترم??من تي ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو. هن چيو ته ڪابينا قانون واري وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن گذريل اڍائي مهينن دوران ان تي وڏي محنت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سمورين اتحادي پارٽين جو ٿورو به مڃيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪيو آهي جنهن آئيني ترم??من لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪابينا نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، نويد قمر، شيري رحمان سميت ٻين اڳواڻن جو به ٿورو مڃيو جنهن آئيني ترم??من جي حوالي سان پ??هنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان پ??هنجي منشور ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي اڄ پورا ٿي رهيا آهن، عدليه ۾ مقرري جو عمل هجي يا احتساب جو معا??لو?? ان کي وڌيڪ شفاف بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج آهي، اسان جو زهريلي گئسن جي نيڪال ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي جو سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کي ڀوڳڻو پيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان صوبن سان تعاون کي بهتر بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ آئيني پئڪيج ۾ شق رکي وئي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Illegal clearance of imported liquor causes loss of Rs 400m to the national exchequer
-
Pakistan has highest newborn mortality in South Asia: UNICEF
-
NS الیکٹرانک تفریح آفیشل پلیٹ فارم
-
AG آن لائن آفیشل گیم ویب سائٹ: تفریح اور جیتنے کا بہترین پلیٹ فارم
-
PS الیکٹرانکس کی آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
AFB الیکٹرانک ریلائیبلٹی بیٹنگ انٹری کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی میں اس کا کردار
-
Lucky Rat آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ
-
لاکی ریٹ آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: ایک جدید گیمنگ تجربہ
-
EVO آن لائن کی سرکاری ڈاؤن لوڈ لنک اور استعمال کی مکمل گائیڈ
-
BNG Electronic App: تفریح کا نیا اور جدید پلیٹ فارم
-
Smurfs ایپ ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل تفصیلات
-
اسمرفس ایپ ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل تفصیل